جاپان ۾ برفاني ڪيڪڙو ڇائيتاليهه هزار ڊالر ۾ وڪرو

news

ٽوڪيو: جاپاني شهر ٽوٽري ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگي برفاني ڪيڪڙو 70 لک رپين ۾ وڪرو ٿي ويو.

جاپان جي شهر ٽوٽوري جي هڪ بازار ۾ سوا ڪلو وزني برفاني ڪيڪڙو (اسنو ڪريب) کي وڪري جي لاءِ آندو ويو ته ماڻهن جي دلچسپي سبب ان جي ٻولي لڳائڻي پئجي وئي.

ڪيڪڙي جي مالڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته برفاني ڪيڪڙي کي 27 هزار ڊالر يعني 30 لک ين ۾ وڪرو ٿيڻ جي اميد هئي جڏهن ته ان کي ٽيٽسو جي هاماشيٽا آخري ٻولي 46 هزار ڊالر يعني 50 لک ين جي لڳائي ۽ ڪيڪڙو خريد ڪري ورتو، جيڪو هڪ عالمي رڪارڊ آهي. هن جو چوڻ هو ته اڄ تائين وڏي قيمت ۾ ڪيڪڙو وڪرو ناهي ٿيو. گذريل سال 18 هزار ڊالر ۾ برفاني ڪيڪڙو نيلام ٿيو هو.

مقامي خابرو اداري موجب ڪيڪڙي جي ڊيگهه 14.6 سينٽي ميٽر آهي. ميڊيا رپورٽ موجب انتهائي مهانگي قيمت تي وڪرو ٿيندڙ ان ڪيڪڙي کي ملڪ جي مهانگي ترين ريسٽورينٽ ۾ کاڌي جي لاءِ پيش ڪيو ويندو، جيڪو هي صرف ڪجهه امير ماڻهن جي پليٽ ۾ ئي پيش ڪيو ويندو.

ٽيسٽوجي جو چوڻ هو ته آئون ڄاڻان ٿو ته اهو وڏو فيصلو آهي پر مون کي اميد آهي ته برفاني ڪيڪڙي جو ذائقو ان جي قيمت جو نعم البدل ٿيندو.