گورنر اسٽيٽ بئنڪ صحافي پاران ٽماٽن جي قيمت بابت پڇيل سوال تي ڪاوڙجي پيو

news

ڪراچي:(اربع 13 نومبر 2019ع)  گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر صحافي جي ٽماٽن جي قيمتن بابت پڇيل سوال تي ڪاوڙجي پيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران گورنر اسٽيٽ بينڪ ايڪسپورٽرز جي لاءِ رعايتي قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو. رضا باقر امپورٽرز جي لاءِ 10 هزار ڊالرن تائين پيشگي ادائيگي جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ننڍن امپورٽرز جي لاءِ به پيشگي ادائيگي تي رعايت ڏينداسين.

اسٽيٽ بينڪ پاران 3 کان 6 سيڪڙو رعايتي شرح تي ايڪسپورٽرز جي لاءِ قرض ۾ 100 ارب روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان فيصلي سان زرمبادلي جي ذخيرن تي محدود اثر پوندو. ايڪسپورٽ رعايتي قرض ۾ وڌيڪ شعبا به شامل ڪيا ويندا.

ان موقعي تي هڪ صحافي گورنر اسٽيٽ بينڪ ٽماٽن جي قيمتن بابت  سوال پڇيو ته هن جواب ڏنو ته مون کان ٽماٽن جي قيمتن بابت نه پڇيو. واضح رهي ته هن وقت ملڪ ۾ سبزين جي قيمتن ۾ ڪافي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جن ۾ خاص طور تي ٽماٽن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.

ان حوالي سان گذريل ڏينهن ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ  کان ٽماٽن جي قيمتن بابت پڇاڻو ڪيو ته هن جواب ڏنو ته ٽماٽا 17 روپيه ڪلو ۾ ملي رهيا آهن.