بحرين جو اعليٰ ترين ايوارڊ ايڌي فائونڊيشن جي نالي

news

ڪراچي: (اربع 13 نومبر 2019ع) پاڪستان جي فلاحي اداري ايڌي فائونڊيشن کي ٻحرين جي سڀني کان معتبر ترين عيسيٰ ايوارڊ براءِ خدمت انسانيت 2019 سان نوازيو ويو آهي.

ان معتبر ايوارڊ جو نالو بحرين جي مرحوم شيخ عيسيٰ بن سلمان آل خليفه جي نالي تي رکيو ويو آهي جنهن کي هڪ عظيم حڪمران ۽ همدرد انسان جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.

بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ آل خليفه جي طرفان هڪ عظيم الشان شاهي تقريب منعقد ڪئي وئي جتي چيئرمين ايڌي فائونڊيشن فيصل ايڌي کي هڪ ملين ڊالر سان گڏ سونو ٻلو ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان به نوازيو ويو. 

مذڪوره تقريب بحرين جي گادي واري شهر منامه ۾ الفتح ڪمپائونڊ جي عيسيٰ تقافتي سينٽر جي گرينڊ سيليبريشن هال ۾ منعقد ڪئي وئي.

ان تقريب ۾ عالمي شهرت ماڻيندڙ شخصيتن سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ ڪميونٽي جي وفدن به شرڪت ڪئي. عيسيٰ ايوارڊ  جي بنياد بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ آل خليفه 2008 ۾ رکي هئي جيڪا عالمي جيوري جي سفارشن کان پوءِ ڏنو ويندو آهي.

ان ايوارڊ کي بحرين جو سڀني کان وڏو ايوارڊ سمجهيو ويندو آهي جيڪو انسانيت جي خدمت ڪرڻ واري ڪنهن شخصيت يا اداري کي ڏنو ويندو آهي.