پاڪستان سان ٽيسٽ سيريز: سريلنڪا جي ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو

news

لاهور: (اربع 13 نومبر 2019ع) پاڪستان جي دوري لاءِ سريلنڪا جي 16 رڪني ٽيسٽ ٽيم جو اعلان خميس 14 نومبر تي ڪرڻ جو امڪان آهي.

سريلنڪا جي ميڊيا موجب مذڪوره ٽيم ۾ سمورا سينئر رانديگر به شامل هوندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان 11 ڊسمبر کان راولپنڊي ۽ 19 ڊسمبر کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو شيڊيول لنڪن بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي.

باضابطه اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندو. 10 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ ايندڙ سريلنڪا جي ٽيم جو ڪيمپ 18 نومبر تي ڪولمبو ۾ طئي ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان اهم سيريز جي تيارين جي شروعات ڪري رکي آهي. ميڊيا جي ايڪريڊيشن ڪارڊز جو مرحلو به جلد شروع ٿي رهيو آهي.