پريڪٽس ميچ ۾ عمران خان جي خطرناڪ بالنگ ڪينگروز کي ڇرڪائي ڇڏيو

news

پرٿ: (اربع 13 نومبر 2019ع) ٻن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي ٻئي ڏينهن عمران خان جي ڊپ ڪينگروز کي ڇرڪائي ڇڏيو. فاسٽ بالر آسٽريليا اي جي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي.

پرٿ ۾ غلابي بال سان کيڏجندڙ ڊي اينڊ نائٽ ٻن ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان پاران بيٽنگ کان پوءِ بالنگ ۾ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا جا هوش اڏائي ڇڏيا. خاص طور تي ٽيم ۾ واپس ايندڙ عمران خان بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ميزبان رانديگرن کي گهڻي دير ڪريز تي بيهڻ ئي نه ڏنو. هن پنهنجي پهرين ئي بال تي جوئي برنز کي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي بولڊ ڪري ڇڏيو.

ٻئي اوپنر مارڪس هيرس کي شاهين شاهه آفريدي انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو. ان جي اننگز 16 رنسن تائين محدود رهي. هاءِ ڪوالٽي پيس بالنگ سان گڏ غلابي بال کي منهن ڏيڻ الگ شيءَ آهي پر ميزبان رانديگرن ٽريوس هيڊ سوچيو به نه هوندو ته هو افتخار احمد جي وڪيٽ بڻجي ويندو. جنهن پنهنجي شارٽ بال تي بابراعظم کان ڪيچ ڪرايو. هيڊ 13 رنسون ٺاهي سگهيو. عثمان خواجه به افتخار جو ئي شڪار ثابت ٿيو. ان جي بيٽ ڪناري کي لڳندي بال سڌي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي هٿن ۾ پهچي وئي.

پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بنجڻ جو خواهشمند هڪ ٻيو بيٽسمين ول پوڪووسڪي عمران خان جي بال تي ئي ڪاٽ بي هائنڊ جي زور اپيل کان ته بچي ويو پر ان عمران جي ئي شارٽ لينٿ بال کي سلپس ۾ موجود افتخار احمد جي هٿن ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ هو به صرف 5 رنسون ٺاهي سگهيو.

ميچ ۾ عمران خان 5 جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ افتخار 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ٻئي ڏينهن جي ميچ ختم ٿيڻ تي پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي ٻئي اننگز ۾ 7 رنسون ٺاهي 313 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي هئي.