سوشل ميڊيا جي صارفين بابر علي جي ڌيءَ کي مستقبل جي اداڪاره قرار ڏئي ڇڏيو

news

ڪراچي: (اربع 13 نومبر 2019ع) سوشل ميڊيا تي اداڪار بابر علي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ۽ ان جي ڌيءَ مختلف ڌنن تي اداڪاري ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

فلم جيوا، منڊا بگڙا جائي ۽ چور مچائي شور جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مشهور پاڪستاني اداڪار بابر علي ڪافي عرصي کان فلمن کان پري آهي. هڪ وقت هو جڏهن بابر علي جو طوطي ڳالهائيندو هو. پر بابر علي ڪافي عرصي کان شوبز کان پري آهي جڏهن ته هاڻ بابر علي جي ڌيءَ سان گڏ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ بابر علي ۽ ان جي ڌيءَ مختلف ڌنن تي اداڪاري ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

بابر علي جي چاهيندڙن سوشل ميڊيا تي پيءَ ۽ ڌيءَ جي ان خوبصورت رشتي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين ته بابر علي جي ڌيءَ جا اداڪاري ۽ چهري جا تاثرات ڏسي حيران آهن ۽ کيس مستقبل جي اداڪاره قرار ڏئي رهيا آهن.

واضح رهي ته اداڪار بابر علي جو هڪ پٽ ۽ 2 ڌيئرون آهن. گذريل سال بابر علي بابت اها خبر سامهون آئي هئي ته کيس نامعلوم ماڻهن طرفان  ڌمڪين وارا فون اچي رهيا آهن جنهن سبب هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو هو.