پاڪستاني ميڪ اپ آرٽسٽ جو ملڪه ترنم نور جهان کي منفرد انداز ۾ خراج تحسين پيش

news

ڪراچي: (اربع 13 نومبر 2019ع) مشهور پاڪستاني ميڪ اپ آرٽسٽ شعيب خان ملڪه ترنم نور جهان کي منفرد انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پاڪستاني ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ بيوٽي بلاگر شعيب خان انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن ميڪ اپ جي ذريعي پاڻ کي ملڪه ترنم نور جهان جي روپ ۾ بدلي ڇڏيو آهي.

شعيب خان ايتري مهارت سان ميڪ اپ ڪيو آهي جو پهرين نظر ۾ ان کي سڃاڻڻ مشڪل ٿي ويندو آهي ته هي ميڊم نور جهان نه پر هڪ مرد ميڪ اپ آرٽسٽ آهي. شعيب خان ميڊم نور جهان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هو ننڍپڻ کان ئي ان جي خوبصورتي جو وڏو مداح آهي. ان کان اڳ به شعيب خان فلمن جي مشهور ڪردارن جي روپ ۾ پاڻ کي منفرد طريقي سان پيش ڪري چڪو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ هن دپيڪا پڊوڪون جي مشهور ڪردار شانتي، انجلينا جولي جي ڪردار ميلفشنٽ ۽ جوڪر سميت مختلف اداڪارائن جي طرح ميڪ اپ ڪري تصويرون پوسٽ ڪيون هيون جنهن جي سوشل ميڊيا تي ڪافي تعريف ڪئي وئي هئي.

شعيب خان جي صلاحيتن جا ڳڻ ڳائيندڙ صرف سوشل ميڊيا جا صارفين ئي ناهن پر پاڪستان شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ فنڪار به آهن. ماڊل صدف ڪنول، اداڪاره مايا علي ۽ صحيفه جبار خٽڪ شعيب خان جي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته شعيب کي آسڪر ايوارڊ ملڻ گهرجي.