انڊونيشيا ۾ پوليس اسٽيشن تي خودڪش حملو: پنج پوليس اهلڪارن سميت ڇهه ڄڻا زخمي

news

جڪارتا: (اربع 13 نومبر 2019ع) انڊونيشيا جي هڪ پوليس اسٽيشن تي خودڪش حملي ۾ 5 پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب انڊونيشيا جي شهر ميدان ۾ هڪ پوليس اسٽيشن جي دروازي تي حملو ڪندڙ پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري ۽ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس چيف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي آور پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ٿي پر سخت سيڪيورٽي سبب هو ناڪام رهيو. آڱرين جي نشانن جي مدد سان 24 ساله حملي آور جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. پر حملي آور جو نالو جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 

خودڪش حملي ۾ استعمال ٿيندڙ بم جي ساخت جو جائزو ورتو پيو وڃي. واقعي واري هنڌان هڪ بيٽري، ڌاتي شيٽس، نٽ بولٽس، ڪوڪا ۽ تارون وغيره مليا آهن. جن جو معائنو ڪيو پيو وڃي. حملي آور اڪيلو هو. هوڏانهن اڃان تائين ڪنهن به ويڙهاڪ تظيم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.