بدين: اربع 13 نومبر 2019ع، ٽنڊوباگو شھر جي مين روڊ تي باگو واھ جي موري لڳ ڊيڪوريشن تي ويٺل دڪان مالڪ کي سندس پٽ گوليون ھڻي تڏي تي قتل ڪري ڇڏيو،
ٽنڊوباگو شھر جي مين روڊ تي واقعي ڊيڪوريشن جي دڪان تي ويٺل دڪان مالڪ غلام مصطفي عرف باڪو ميمڻ کي سندس ئي نوجوان پٽ وسيم احمد ميمڻ سري عام دڪان تي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جوابدار خود بروقت پوليس وٽ پيش ٿي ويو پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آھي.
يادرھي پئ ۽ پٽ ۾ ملڪيت تان تڪرار ھلندڙ ھو فوتي غلام مصطفي ميمڻ جو لاش پوسٽ مارٽم لا۽ تعلقا اسپتال آندو ويو آھي.