سڪرنڊ ۾ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو پاران زئونر ڪالوني ۽ مختلف علائقن جو دورو

news

سڪرنڊ: اربع 13 نومبر 2019ع، شھر جي ترقي ۽ خوبصورتي لاء ڪوششون ڪندو رھندس.

جن علائقن ۾ گئس ۽ مٺي پاڻيء جي ضرورت ھوندي انھن کي اوليت ڏني ويندي ـ اھڙو اظھار چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو زئونر ڪالوني ۽ شھر جي ٻين علائقن جو دورو ڪرڻ وقت ڪيو.

ھن چيو ته پيپلزپارٽي ھميشھ  غريبن جي مدد ڪئي آهي ۽ ترقي ڏانهن توجھ  ڏيندي رهي آهي ـ ان سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن ۾ رستن جو ڄار پڻ وڇايو ويو آهي جن علائقن ۾ گئس نه  آھي اتي گئس پھچائڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن.

جڏهن ته مٺي پاڻيء لاء سڪرنڊ شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پائيپن ذريعي پاڻي پھچائڻ جو ڪم جاري آھي ـاسن چاھيون ٿا ته سڪرنڊ جي عوام  کي بنيادي سھولتون انھن جي در تي مھيا ڪري سگھون.

ھن موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جو صدر محمد صديق منگيو پڻ ايم اي اي صاحب سان گڏ ھو.