حيدر آباد ۾ سول سوسائٽي پاران ڌرڻو، ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، شاگردن جي شرڪت

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) اربع 13 نومبر 2019ع، سول سوسائٽي پاران سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي فطري قتل عام خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڌرڻو، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کان فوري طور تي ڪارونجهر جبل جي پٿرن جي ڪٽائي کي روڪڻ جو مطالبو،

تفصيل موجب حيدرآباد جي سول سوسائٽي پاران ڪارونجهر جبل جي فطري سونهن جي ٿيندڙ قتل عام خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،

ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جي صدر سجاد چانڊيو، ڊاڪٽر بختاور ڄام، سماجي اڳواڻ عباس کوسو، سنڌ هيومنٽي فائونڊيشن جي چيئرمين جاني خاصخيلي، سماجي اڳواڻن عبدالرزاق عمراڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، ڪاشف بجير، مختيار عباسي، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، نور احمد ڪاتيار، درشن سچديو سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،

ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ننگرپارڪر جي سموري زمين تاريخي ورثو قرار ڏنل آهي، ڪارونجهر جبل جي سونهن ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سياحت جي حوالي سان اهم تاريخي ماڳ آهي، هنن چيو ته ڪجهه عرصي کان غيرقانوني طريقي سان ڪارونجهر جي فطري سونهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي،

ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري پٿرن جون ٽرڪون ڀري وڪرو ڪيون پيون وڃن، اهو سنڌ جي تاريخي ماڳن سان ظلم آهي، هنن چيو ته سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا اهڃاڻ آهن، اهي تاريخي ورثا سنڌي قوم جا شاهوڪار ورثا آهن، جن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ وقت جي  حڪمرانن سان گڏ ڌرتي ڌڻين جي به ذميواري آهي،

افسوس آهي جو وقت جا واڳ ڌڻي ننگر جي سونهن ڪارونجهر جبل کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کڻي سگهيا، اتي سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو پنهنجي قومي ۽ تاريخي سياحتي ماڳن کي بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ميدان تي نڪري چڪا آهن.

هنن چيو ته جيڪڏهن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري غيرقانوني عمل کي نه روڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جي فطري سونهن جي قاتلن سان مهاڏو اٽڪائيندا، اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي قومي تاريخي سياحتي ماڳن جو پاڻ تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا،

هنن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جي فطري سونهن جو قتل ڪندڙن کي فوري قانون جي گرفت ۾ آڻي ڪارونجهر جي سونهن جو تحفظ ڪيو وڃي،

ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.