حيدرآباد ۾ پاڪستان ڪولهي اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران بدين ۾ شريمتي سوڍي ڪولهڻ جو گهر ساڙڻ خلاف احتجاج

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) اربع 13 نومبر 2019ع، پاڪستان ڪولهي اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران بدين ۾ شريمتي سوڌي ڪولهڻ جو گهر ساڙڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ويرو ڪولهڻ، سيٺ لال چند، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ڊاڪٽر پنهون ڪولهي، ٿانول داس ۽ ٻين چيو ته سوڍي ڪولهڻ جي گهر جي پلاٽ تي بااثر ساٿين سان ملي قبضو ڪرڻ لاءِ گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائي گهر خالي ڪرڻ جو چيو، ۽ هاڻ گهر خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،

هنن چيو ته شريمتي سوڍي پلاٽ خريد ڪيو هو جنهن جا ڪاغذ پڻ موجود آهن، جڏهن ته اهڙي دانهن ايس ايس پي بدين کي به ڏني آهي پر پوليس بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شريمتي سوڍي ڪولهڻ جو گهر ساڙيندڙ ۽ گهر جي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.