مسلم ليگ (ن) بيماري تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ٻاهر ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي تعصباڻو قرار ڏيڻ نهايت افسوسناڪ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي طرفان سياسي کي پٺتي رکي انساني همدردي جي بنياد تي نيڪ نيتي سان فيصلو ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قانون جي پاسداري حڪومت جي آئيني ذميواري آهي.

(ن) ليگ جو ردعمل ثبوت آهي ته هو بيماري تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، علاج نه. سڌ سماءُ واري معاون خصوصي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان قانون جو احترام ڪريو ٿا ته پوءِ زر ضمانت جي قانوني تقاضن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪهڙو عار آهي؟

ڊاڪٽر فردوس عاشق جو چوڻ هو ته اهو مسئلو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ مسلم ليگ (ن) جو ناهي، هڪ شخص جي صحت جو آهي، جنهن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت غير معمولي قدم کنيا آهن.