ڀٽ شاهه ۾ نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پروگريسو الائنس طرفان ڀٽائي جي مزار آڏو احتجاج

news

ڀٽ شاهه )رپورٽ: ارشاد علي ٻگھيو) اربع 13 نومبر 2019ع، پروگريسو الائنس ضلع مٽياري جي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ درگاهه ڀٽائي جي مک دروازي آڏو احتجاج ڪري لطيف سائين کي دانهن ڏني وئي ،

پروگريسو الائنس جي اڳواڻن سردار اياز ميمڻ ، عبدالرشيد ڏيٿو ، منور علي شاهه ، ايس يو پي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي ، ديوان گاگن داس ، سماجي اڳواڻ ولي محمد دانش جتوئي ، فقير منظور علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه جي لکي در گيٽ آڏو احتجاج ڪري نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي ۽ نمرتا ڪماري جي خون ۾ ٿيندڙ ناانصافي خلاف ڀٽائي جي مزار تي دانهن ڏني وئي.

ان موقعي تي خاصخيلي اتحاد پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ سرائي نياز حسين خاصخيلي بـ پهچي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو ،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سرائي نياز حسين خاصخيلي ، سردار اياز ميمڻ ، عبدالرشيد ڏيٿو ، فقير منظور خاصخيلي ، ولي محمد دانش جتوئي ۽ ٻين چيو تـ ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت نمرتا ڪماري جي اصل قاتلن کي وائکو ڪري نـ سگهي آهي جيڪا پوليس سميت سنڌ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.

هنن چيو تـ نمرتا ڪماري جي واقعي کي هٿ وٺي آپگهات سميت مختلف رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، مگر تازو ڪجهه رپورٽون اچڻ باوجود اڃان تائين ڪيس ۾ ڪا بـ اڳڀرائي نـ ٿي آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سان گهٽ آهي.

هنن چيو تـ سنڌ ڌرتي جي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نمرتا ڪيس جي جاچ ۾ وي سي کي شامل ڪيو وڃي ـ هن چيو تـ  ان سلسلي ۾ اڄ اسان پنهنجي روحاني رهبر ۽ سنڌ جي اصلي وارث حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتا آهيون ۽ لطيف سرڪار جي اڱڻ ۾ بيهي نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتار ي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون.

خدارا سنڌ جي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ خون ۾ ملوث وحشي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري نمرتا جي خاندان سميت پوري سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ اسان پنهنجو احتجاج اصل قاتلن جي گرفتاري تائين رکنداسين