دادو ۾ مدي جي بخاري(ٽائيفائيڊ) بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي

news

دادو: اربع 13 نومبر 2019ع، دادو ۾ مدي جي بخاري(ٽائيفائيڊ) جي  بيماري بابت عوام  ۾ شعورپيداڪرڻ واسطي  دادو ڊپٽي ڪمشنر آفيس دادو کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ايڊ يشنل ڊپٽي ڪمّنر1دادو نظيراحمد سومرو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر زاهد حسين ڏاوڇ، ٻارڙن جي بيمارين جوماهرڊاڪٽرالله بخش ڪوريجو، امجد مستوئي سول سرجن عبدالحميد ميراڻي ذيشان لغاري انفارميشن آفيسر  ۽ ٻين خطاب ڪندي ته مدي جي بخار کان بچاء جي ٽڪن هڻڻ واري مهم دوران ضلعي جي 13 يونين ڪائونسلز جي 9 مهينن کان 15 سالن جي 2 لک 71 هزار 137 ماڻهن کي مدي جي بخار کان بچاء جا ٽڪا لڳايا ويندا.

هنن چيو ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ مدي جي بخار کان بچاء جا ٽڪا لڳايا پيا وڃن جنهم سان 15 سالن تائين مدي جي بخار کي روڪي سگهبو، هنن چيو ته دادو ضلعي اندر ايڪسٽينسو ڊرگ رزسٽنٽ ٽائيفائڊ بخار جا 29 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن جنهن جي علاج جو خرچ في مريض 1 لک 50 هزار روپيه آهي.

هنن چيو ته ايندڙ سال کان ٽائيفائيڊ بخار کان بچاء جا اي پي آئي مرڪز تي ارڙي کان بچاء جي ٽڪن سان گڏ ٽڪا هنيا ويندا. هنن چيو ته مدي جي بخار کان بچاء جا ٽڪا اسڪولن، صحت مرڪز تي لڳائڻ سان گڏ فيلڊ ٽيمون ويڪسين  ڪنديون.

ويڪسين جو ڪو به ري ايڪشن نه آهي ري ايڪشن کان بچاء جا سمورا انتظام ڪيا ويا آهن والدين کي گهرجي ته پنهنجن 9 مهينن کان 15 سالن جي ٻارن کي مدي جي بخار کان بچاء جا ٽڪا ضرور لڳرائن ته جئين اهي مدي جي بخار کان محفوظ رهن.