دادو ۾ سيد جهنگل شاهه اول جو ساليانو چار روزا عرس مبارڪ ٿي گذريو

news

دادو: اربع 13 نومبر 2019ع، 16 صدي عيسوي ۾ دادو شهر جو بنياد رکندڙ سيد جهنگل شاهه اول جو ساليانو چار روزا عرس مبارڪ ٿي گذريو،

جنهن ۾ وڏي انگ ۾ زائرين، عقيدتمندن، مريدن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، عرس مبارڪ جو افتتاح درگاهه جي گادي نشين سيد هدايت حسين شاهه درگاهه جهنگل شاهه، سخي سلطان شاهه ۽ سيد جڙيل شاهه تي چادر چاڙهي،

عرس مبارڪ ۾ گذريل رات صوفياڻي محفل پڻ ٿي جنهن ۾دادو جي اربيلي راڳي ٻالڪ سنڌي، آصف سخيراڻي، خان بلوچ، امجد شاهه، علي رضا آرائين، خان بروهي، مقبول چارڻ ۽ ٻين فنڪارن محفل کي جهومائي ڇڏيو،

ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين سيد هدايت حسين شاهه آف دادو ملڪ ۾ امن سلامتي لاءِ دعا پڻ گهري.