ٻارڙن جي حقن جي تحفظ ۽ جنسي تشدد کان بچائڻ لاءِ مهم جي ضرورت آهي: ساڃاهه وند

news

سکر: اربع  13 نومبر 2019ع، سکر جي ساڃاهه وندن چيو آهي ته ٻارڙن جي حقن جي تحفظ ۽ کين جنسي تشدد کان بچائڻ لاءِ اثرائتي مهم جي ضرورت آهي ناري فائونڊيشن آواز فائونڊيشن جي اجالا 2 پراجيڪٽ جي تعارفي تقريب چائلڊ پروٽيڪشن هال ۾ ڪوٺائي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري پينل جي جوڙجڪ ۽ ڪم جو جائزو ورتو.

ضلعي ۾ ٻارڙن جي حقن جي تحفظ ۽ جنسي تشدد واقعن جي روڪٿام تي غور ويچار ڪيو ويو سماجي ڀلائي کاتي جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد نصيرحسين شاهه ،چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر زبير مهر ، ساحل جي برڪت علي انصاري ، عظمه مهيسر ،انورعلي مهر، فاطمهه نعيم منگي ، رحيم بخش چنڙ، تاج رند ، سميع الله ۽  ٻين چيو ته جنسي تشدد جي معامري تي عوام ۽ خاص طور تي نوجوان ۽ ٻارڙن کي آگاهي ڏني وڃي.

ٻارڙن کي رابطي ڪاري جو هُنر سيکاريو وڃي .پاليسي ۽ فيصلي سازي کي جنسي تفاوت کان پاڪ رکيو وڃي ۽ سڀني کي برابري جي بنياد تي قانونسازي ۽ سڀني کي برابري جي بنياد تي قانون سازي ۽ فيصلي سازي جو عمل ڪيو وڃي.