نسيم شاهه کي ايڪشن ۾ ڏسي ليجنڊ بالر ڊينس للي جي ياد ايندي آهي: وقار يونس

news

سڊني: (خميس 14 نومبر 2019ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه کي ايڪشن ۾ ڏسي مون کي ليجنڊ بالر ڊينس للي جي ياد ايندي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه هڪ باصلاحيت فاسٽ بالر آهي. ان جو ايڪشن به سٺو آهي. 

نوجوان بالر کي ايڪشن ۾ ڏسي مون کي ليجنڊ بالر ڊينس للي جي ياد ايندي آهي. نسيم شاهه جسم ۾ اڳوڻي آسٽريلوي اسپنر جي برابر ناهي پر ان جي انداز ۾ ئي بالنگ ڪندي بيٽسمينن لاءِ پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿو.

اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر بريڊ هوگ ۽ ٻين مبصرين جي وڏي انگ به نسيم شاهه جي بالنگ کي متاثر ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته برسبين ٽيسٽ ۾  16 ساله انتهائي باصلاحيت اسپنر کي ايڪشن ۾ ڏسڻ جي لاءِ بيچين آهيون.