سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات، کِنوڻ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ ٻارنهن ڄڻا فوت

news

حيدرآباد: (خميس 14 نومبر 2019ع)   سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات تباهي مچائي ڇڏي، وِڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 8 عورتن سوڌو 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڍور به مري ويا آهن. وقفي وقفي سان برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، جڏهن ته رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ٿڌ ۾ به اضافو ٿي ويو.

ٿرپارڪر ضلعي ۾ 7 ڄڻا فوت ڪيترائي  ڍور به مري ويا ٿرپارڪر ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب 5 عورتن سوڌو 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڍور به مري ويا آهن. ننگرپارڪر، مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب واقعا پيش آيا، ڏيپلو جي ڳوٺ ھرڻارو ۾ 35 سالن جو عبدالصمد سومرو، ننگرپارڪر جي ڳوٺ نرياسر ۾ نوجوان جبار شورو، ڇاڇرو جي ڳوٺ اُڏاڻي ۾ 50 ورهين جي سونا زال موسيٰ ڏوهٽ ۽ مٺي جي ڳوٺ ڊاڀي ڪولهين جي وانڍ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڏاني زال ڄامون ڀيل فوت ٿي ويا، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ وڄ ڪرڻ سبب وڌيڪ 2 عورتون فوت ٿي ويون.

ڳوٺ ميگهي جو تڙ جي 40 ورهين جي سماني زال حبيب سميجو ۽ ڳوٺ ڪيتار جي ڪرامت زال شيرو نهڙي فوت ٿي ويون، علائقن ۾ واقعن کانپوءِ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ٻورلي موسيٰ پوٽا ۾ نوجوان ڇوڪري پڻ وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي. اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ مگهو ڀيل ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 2 ڳوٺاڻا ڀوڄو ڀيل ۽ لاکو ڀيل زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ساڪري ۾ 3 ڍگيون، ڌوڙيو ۾ 2 اُٺ، ڳوٺ اسماعيل اوٺو ۾ 30 ٻڪريون پڻ مري ويون، برسات سبب فصلن کي پڻ نقصان پهتو، ننگرپارڪر ۽ آسپاس ۾ زوردار گجگوڙ سان برسات پئي، برسات 25 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،

ڪارونجهر جبل مان گوڙڌڙو ۽ ڀٽياڻي نديون پڻ وهي آيون. اڇڙي ٿر ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو فوت اڇڙو ٿر ۾ وڄ ڪرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو شامل، راڻڪ ڏھر جي ڳوٺ موڪريار سمون ۽ راڻاهو ديھ جي ڳوٺ جهولي جوتڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويا، 2 ٻار زخمي ٿيڻ جا اطلاع، فوتي عورتن ۾ موڪريار جي 25 ورهين جي مسمات ماريت زال ڦوٽو سمون ۽ 57 ورهين جي سنگهار زال شير خان سمون شامل، ڳوٺ الهڏنو احمد جو تڙ لڳ جهولي جوتڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ماءُ پٽ مسمات سليمت عرف جادل زال مولابخش راڄڙ ۽ سندس پٽ 12 ورهين جو الهڏنو ولد مولابخش راڄڙ فوت ٿي ويا، گهرن ۾ روڄ پئجي ويو.

صوبي جي ٻين شهرن ۾ به برسات ميان صاحب ۽ ڀرپاسي جي علائقن به تيز هوا سان برسات پئي آهي، جنهن دوران پرائمري اسڪول جي ڇِت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن ۾ شاگرد ۽ استاد معجزاڻي نموني بچي ويا. ڳوٺ حاجي فتح محمد جي زبون حال ٿيل پرائمري اسڪول حاجي فتح محمد جي اسڪول جي ڇت برسات پوڻ سبب ڌماڪي سان ڪري پئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ تيز برسات پوڻ ۽ وڄ ڪِرڻ سبب چنا پاڙي ۾ منظور احمد کوسو جي جاءِ کي نقصان، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، ڳڙھي حسن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان هلڪي برسات بعد ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، جڏهن ته رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي ڏکائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

تنگواڻي ۽ آسپاس ۾ برسات، هڪ ڄڻو فوت تنگواڻي ۽ آسپاس ۾ پڻ تيز برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم، وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ڳوٺ جعفرآباد ۾ وڄ ڪرڻ سبب 27 ورهين جو جو حاڪم علي پٽ امام بخش لاشاري سڙي فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ گهر ۾ قهرام مچي ويو.