ميشا شفيع جي هڪ ٽوئٽ منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي: علي ظفر

news

ڪراچي: (خميس 14 نومبر 2019ع)  مشهور گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر ميشا شفيع پاران لڳايل جنسي حراسمينٽ جي الزامن جي باري ۾ چيو آهي ته ميشيا جي هڪ ٽوئٽ منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي.

تازو ئي علي ظفر اداڪار احسن خان جي شو ۾ بطور مهمان شريڪ ٿيو جتي هن گلوڪاره ميشا شفيع طرفان لڳايل جنسي حراسمينٽ جي الزامن ۽ ان الزامن جي سبب جي ڪري ان جي زندگي تي پوندڙ اثرن جي باري ۾ کلي طريقي سان ڳالهيون ڪيون. گذريل سال اپريل ۾ ميشا شفيع  علي ظفر تي الزام هنيو هو ته جيمنگ سيشن(گاني جي ريهرسل) دوران علي ظفر مون کي جنسي طور حراسان ڪيو ۽ ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا هو ان کي هراسان ڪري چڪو آهي.

علي ظفر ميشا شفيع جي سمورن الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي ان مٿان هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائيندي ان جي مٿان هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو هو. علي ظفر جي ڪيس جي جواب ۾ ميشا شفيع به ان تي ڪيس ڪيو هو جنهن ۾ 200 ڪروڙ يعني 2 ارب روپيه هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي وئي هئي.

شو جي دوران علي ظفر ٻڌايو ته ميشا شفيع جي خلاف هي ڪيس کٽي چڪو آهيان ۽ عدالت ميشا شفيع جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي. علي ظفر ٻڌايو ته هڪ سال جي دوران ان ڪيس جي ڪري مون کي جذباتي ۽ مالي طور تي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.

علي ظفر ان ڪيس کان پوءِ سندس زندگي تي پوندڙ اثرن جي بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته موجوده دور سوشل ميڊيا جو آهي ۽ هتي هر انسان کي پنهنجي حقن جي باري ۾ مڪمل آگاهي هجڻ گهرجي. اوهان سوشل ميڊيا تي جيڪو به چوندا ان جو هڪ هڪ لفظ سوچي سمجهي ڳالهايو ته جيئن ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿئي.

ٻئي ڳالهه اها ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن تي ڪوبه الزام هڻيو ته اوهان وٽ ان حوالي سان هڪ مضبوط ثبوت هجڻ گهرجي نه ته هر ٻيو ماڻهو  هر ڪنهن تي الزام هڻندو. جنهن جو تازو مثال هڪ واقعو آهي جنهن ۾ لاهور جي هڪ ڪاليج ۾ شاگردياڻي طرفان لڳائيندڙ هراساني جي ڪوڙي الزام کان پوءِ ليڪچرار خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.

علي ظفر چيو ته صرف هڪ ٽوئٽ منهنجي 20 سالن جي محنت، منهنجو سمورو ڪم، منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. هن چيو ته هي ڪهڙي دنيا آهي سوشل ميڊيا تي هي ڇا ٿي رهيو آهي.