اسلام آباد سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلو

news

اسلام آباد: (خميس 14 نومبر 2019ع) اسلام آباد سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ پشاور سميت سوات، لوئر دير، شانگله ،بونير، ديراپر ۽ لوئر دير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ان کان علاوه چترال، ايبٽ آباد، مالاڪنڊ ۽  ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ مري سميت  ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف حراس ڦلهجي ويو ۽ هو ڪلمو پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ هڪ مهيني دوران ڇهون ڀيرو زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ  ڪئي وئي ۽ ان جي گهرائي 96 ڪلو ميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان،  تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو. شروعاتي طور تي زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.