آمريڪا شام ۾ سوين فوجي مستقل مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: (خميس 14 نومبر 2019ع) آمريڪي بچاءُ واري وزير مارڪ ايسپر شام جي اتر اولهه واري علائقي ۾ 600 فوجي اهلڪارن کي مستقل مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام ۾ جنگ کي نه ختم ٿيندڙ جنگ قرار ڏيندي آمريڪي فوجين جي انخلا جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي پر ان جي باوجود آمريڪي بچاءُ واري سيڪريٽري اتر شام ۾ 600 فوجين  جي مستقل مقرري جو اعلان ڪيو آهي.

مارڪ ايسپر ايشيا جي دوري تي روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اتر شام جي علائقي مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ وارو عمل اڃان به جاري آهي پر 600 جي ويجهو  آمريڪي فوجي تيل  وارين شين جي نگراني لاءِ اتي موجود رهندا.

آمريڪي بچاءُ واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته يورپي اتحادين طرفان شام ۾ پنهنجي فوجين جي موجودگي کي مضبوط ڪرڻ تي آمريڪي فوجين جي انگ ۾  گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل مهيني اوچتو شام مان سمورن فوجين جي نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ هو ته آمريڪي فيصلي سان ويڙهاڪ تنظيم داعش کي ٻيهر اڳيان اچڻ جو موقعو ملي ويندو.