ٽماٽا اڍائي سئو روپيه ڪلو: پوءِ به دل آهي پاڪستاني، بشريٰ انصاري جو مزاحيه ٽوئٽ

news

ڪراچي: (خميس 14 نومبر 2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري سڄي ملڪ ۾ ٽماٽن جي وڌندڙ قيمتن تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي.

ملڪ ۾ مهانگائي ڏينهن به ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ دال، ڀاڄين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن جڏهن ته ٽماٽن جي قيمتن کي ته پر لڳي ويا آهن.

سڄي ملڪ ۾ ڪٿي ٽماٽا 250 ته ڪٿي 300 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن جنهن سبب ٽماٽا غريب ماڻهن جي پهچ کان به پري ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب بشريَ انصاري هن وقت پاڪستان ۾ موجود ناهي پر ان باوجود به پاڪستان کان غافل ناهي.

بشريٰ انصاري هڪ ٽوئٽ ذريعي لکيو آهي ته هتي ڪنهن کي به خبر ناهي ته ٽماٽا 250 روپيه ڪلو ٿي ويا آهن پوءِ به دل آهي پاڪستاني.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن شنيرا اڪرم به ٽماٽن جي وڌندڙ قيمتن تي مزاحيه ٽوئٽ ڪندي حڪومت جو ڌيان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي طرف ڪرايو هو.