موجوده وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب عوام مهانگائي ۾ پيسجي رهيو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

news

حيدرآباد (هه آ ) خميس 14 نومبر 2019ع، مڪاني کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت نااهل آهي جنهن عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام مهنگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي پر هو مخالفن جي نام نهاد احتساب جي چڪر ۾ عوام کي گمراه ڪرڻ ۾ مصروف آهن اسان کي احتساب جو خوف نه  آهي پر اهو غير جانبدارانه هئڻ گهرجي- هو اڄ واسا (ايڇ ڊي اي) حيدرآباد جي ڪميٽي روم ۾ ايڇ ڊي اي جي 118هين گورننگ باڊي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي غير قانوني طور تي جيل ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان جي خلاف داخل ڪيل تمام ريفرنس به ڪوڙ تي ٻڌل آهن جڏهن ته اسان کي عدالتن تي پورو يقين آهي ان ڪري اسان انصاف جي اميد رکون ٿا ۽ زرداري صاحب پاران ضمانت نه وٺڻ جو فيصلو حڪومت خلاف هڪ قسم جو احتجاج آهي جڏهن ته آصف علي زرداري صاحب گهڻو بيمار آهي ۽ حڪومت انهن کي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏي ۽ ان جو سرڪاري ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو پيو وڃي.

جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي- هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سان وفاقي حڪومت جو رويو ٺيڪ نه آهي- پي ٽي آءِ حڪومت تي ڪڙي تنقيد ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت والاريل ڪشمير تي ڪو واضع موقف اختيار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا واضع خارجه پاليسي آهي جڏهن ته اسان اهو سمجهون ٿا ته حڪومت جي خارجه پاليسي بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي- هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت صرف مخالفين جو احتساب ڪري رهي آهي.

جڏهن ته انهن جي ڪابينا ۾ گهڻا اهڙا ماڻهو ويٺا آهن جن تي ريفرنس داخل آهن اهي نه ضمانت تي آهن نه جيل ۾ آهن ۽ اهي سرعام گهمي رهيا آهن جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهو احتساب سليڪٽيڊ آهي- ميان نواز شريف پاران علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ بابت سوال تي صوبائي وزير چيو ته اسان جي همدردي نواز شريف سان گڏ آهي پي ٽي آءِ حڪومت ۾ انسانيت نه آهي جيڪي هڪ بيمار سياستدان سان اهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهن- 

جڏهن ته عمران خان جي شوڪت خانم جي جي ڊاڪٽرن پڻ نواز شريف جي شديد بيمار هجڻ جي تصديق ڪئي آهي مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي بابت سوال تي صوبائي وزير چيو ته مولانا جو ڌيڻو نااهل حڪومت خلاف آهي جنهن ۾ عوام ڏٺو ته پيپلز پارٽي ان ڌرڻي جي حمايت ڪئي جڏهن ته صوبائي سرحدن کي سيل ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت عوام جي مفاد موجب ڪو فيصلو ڪندي-

حيدرآباد ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل بابت سوال تي هن چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب ڪجهه اسڪيمون مڪمل نه ٿيون آهن پر صوبائي حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڄاڻايل اسڪيمون جلد کان جلد مڪمل ڪيون وڃن ايڇ ڊي اي واسا ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي بابت سوال تي هن چيو ته ڪجهه ادارن ۾ غير قانوني ۽ اسٽرينٿ کان وڌيڪ ڀرتين سبب ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي حق تلفي ٿي آهي جنهن سبب پگهارن جو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وڏي وزير سان ڳالهائيندس-

گورننگ باڊي جي گڏجاڻي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيئرمين جي حيثيت سان گورننگ باڊي ٻيهر جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي بجيٽ جي تياري جي لاءِ فنانس ڊپارٽمينٽ جي بجيٽ ايڪسپرٽ سان صلاح مشورو ڪري بجيٽ تيار ڪئي وڃي- ان کان اڳ ايڇ ڊي اي جي 118هين گورننگ باڊي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي

هن سمورن يوٽيليٽي ڊپارٽمينٽس کي چيو ته اهي سبسڊي تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجي اپت وڌائين گڏجاڻي ۾ ايڇ ڊي اي، واسا جي ڪارڪردگي بجيٽ، آمدني، خرچ ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو هو- گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورمينٽ جماالدين جلالاڻي، ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي غلام محمد قائمخاني، پ پ جي اڳواڻ صغير قريشي، پاشا قاضي، فياض حسين شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.