ڳوٺ مير محمد پسيو جي عورتن تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش کڻي ٽنڊو ڄام ۾ سي آءِ اي پوليس خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام: خميس 14 نومبر 2019ع، ڳوٺ مير محمد پسيو جي عورتن پاران تازي ڄاول ٻارڙي جي لاش سميت پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان سي آءِ اي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو. سي آءِ اي پوليس جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت جو حمل ضايع ٿيڻ جو الزام.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ مير محمد پسيو جي رهواسي عورتن فوت ٿيل ٻارڙي جو لاش هٿن ۾ کڻي، ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان سي آءِ اي پوليس حيدرآباد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مسمات ماروي پسيو، ثنيا پسيو، زرينا پسيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام مڙهيو آهي ته سي آءِ اي پوليس بلا جواز روزانو اسان جي گهرن تي ڪاهه ڪري شديد فائرنگ ڪري خوف ۽ ڏهڪاءُ پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن به سي آءِ اي پوليس ڳوٺ تي ڪاهه ڪري شديد فائرنگ ڪئي. جنهن سبب اسان جي ڳوٺ جي عورت جو اٺ مهينن جو حمل ضايع ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته سي آءِ اي پوليس اسان جي ڳوٺ جي ٽن نوجوانن نياز حسين، حق نواز ۽ مور پسيو کي بلا جواز حراست ۾ وٺي لاپتا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن آزادي لاءِ لکين روپيا رشوت گهري رهي آهي.

احتجاج ڪرڻ تان سي آءِ اي پوليس مڇرجي ڪري اسان جي گهرن تي روزانو ڪاهه ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي حراست ۾ ورتل ٽي نوجوان آزاد ڪرائي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي.