ڪويتي وزيراعظم پنهنجي ڪابينا سميت مستعفي

news

ڪويت: ڪويت جي وزيراعظم پنهنجي ڪابينا سميت مستعفي ٿي ويو آهي. وزيراعظم شيخ جابر المالڪ الصباح پنهنجي استعيفيٰ ڪويت جي بادشاهه امير شيخ جابر الاحمد الصباح کي پيش ڪئي.

مستعفي ٿيڻ جي وجهه ڪوويتي ٿيڻ جي وجهه ڪويتي پارليامان ۾ عورت وزير سان پڇاڳاڇا بڻي. ڪويت جي ڪابينا پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪرڻ جو فيصلو تعميرات ۽ ورڪس جي وزير جينان رمضان کان پارليامان ۾ پڇاڳاڇا کانپوءِ ڪيو آهي. عورت وزير پارليامان ۾ پنهنجي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

پارليامان جي ڪجهه ميمبرن عورت وزير تي الزام هنيو ته هو 2018ع ۾ سيلاب جي تباهڪارين جو شڪار شهري ڍانچي ۽ روڊن جي مرمت ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.