بدين ۾ هٿ ڪيل منشيات کي ساڙيو ويو

news

بدين: خميس 14 نومبر 2019ع،  ڪنزيومر ڪورٽ جي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ بدين وقار حسين کٽي جي موجودگي ۾بدين پوليس طرفان پوري ضلعي مان هٿ ڪيل لکين روپين ماليت جي منشيات جنھن ۾ شراب ،ڪچو شراب، سفينا، مين پوڙي ۽گھٽي کي ماڊل ٿاڻي بدين  ۾ باهه ڏيئي ساڙيو ويو.

ان موقعي تي سرڪاري وڪيل احسان علي خواجا ايس ايڇ او ماڊل ٿاڻو بدين انور لغاري ۽ سٽي ٿاڻي بدين جي انچارج سالم کوسو پڻ موجود هئا.