نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن، ڪامياب جوان پروگرام معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم

news

اسلام آباد: (جمعو 15 نومبر 2019ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن ۽ معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهن ته يقين آهي ته ڪامياب جوان پروگرام معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار اد اڪندو.

وزيراعظم عمران خان سان خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئي. عثمان ڊار وزيراعظم کي پروگرام جي شفافيت، ميرٽ ۽ درخواستن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته صرف 20 ڏينهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ درخواست مليون آهن نوجوانن جي وڏي انگ 1 کان 5 لکن تائين جي قرض جون درخواستون ڏنيون.

درخواستن جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. قرض جي ورهاست ايندڙ مهيني ٿيندي. وزيراعظم پروگرام جي زبردست موٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوانن جي لاءِ اهو سڀ ڪنداسين جنهن سان ڪاميابي جا رستا بهتر ٿي سگهن.

نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن. حڪومتي سرپرستي هر حال ۾ يقيني بنائينداسين. نوجوان ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. يقين آهي ته ڪامياب جوان پروگرام  معيشت جي بهتري ۾ سازگار ثابت ٿيندو. نئين ڪاروبار سان اقتصادي صورتحال ۾ به بهتري ايندي.

نوجوانن جي روزگار جا مسئلا حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي جڏهن ته ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي.