جي يو آءِ(ف) جو پلان بي: ارڙنهن نومبر کان پوءِ سڄي صوبي کي لاڪ ڊائون ڪيو ويندو

news

ڪوئٽه: (جمعو 15 نومبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام بلوچستان پاران پلان بي تي عمل شروع ڪيو ويو. اڄ کان ڪوئٽه، ڪراچي، ڊي جي خان روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.

18 نومبر کان پوءِ سڄي صوبي کي لاڪ ڊائون سان گڏ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اعلان ڪيل پلان بي جي تحت مخالف ڌر جون پارٽيون اڄ  خضدار ۾ ڪوئٽه، ڪراچي ۽ لورالائي ۾ ڊي جي خان روڊن کي بلاڪ ڪري رهي آهي.

پلان بي تحت 16 نومبر تي زوب ۽ ڊيره مراد جمالي ۾ 17 نومبر تي ڪوئٽه، تافتان ۽ قلعه عبدالله جا روڊ جڏهن ته 18 نومبر تي ڪوئٽه، گوادر ۽ ڪراچي جا روڊ بلاڪ ڪيا ويندا.

پلان بي تي عمل ڪرڻ سان حڪومت تي ڪوبه اثر نه پوندو. پر عوامي مسئلن جي حل لاءِ نڪتل پارٽين طرفان روڊن کي بلاڪ ڪرڻ سان ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

اپوزيشن جو چوڻ آهي ته عوامي پريشانين کي نظر ۾ رکندي صبح کان شام تائين بند رکيو ويندو جڏهن ته رات جو روڊن کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويندو.