قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل يارنهن آرڊيننس معطل ٿيڻ کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس

news

اسلام آباد: (جمعو 15 نومبر 2019ع) قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل 11 آرڊيننس معطل ٿيڻ کان پوءِ اپوزيشن ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي.

حڪومت قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ 7 نومبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ 11 آرڊيننس منظور ڪيا هئا جنهن تي اپوزيشن پارٽين ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن جي وچ ۾ اڳڀرائي سامهون آئي هئي ۽ آرڊيننس جي نامنظوري جي بدلي اپوزيشن قاسم سوري جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.

اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 7 نومبر تي منظور ٿيندڙ سمورا آرڊيننس رد ڪيا ويا آهن جنهن تي اپوزيشن پارٽين ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسين نٿا چاهيون ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا عهدا تڪراري بڻجن.

اسد عمر چيو ته جنهن نظريي تي ووٽ وٺي آيا آهيون ان تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين. اپوزيشن به پنهنجو نڪته نظر بيان ڪري ان جو حق آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل ڪميٽيون  هاڻ ان بلن کي ڏسنديون ۽ پوءِ بل گڏيل طور تي منظور ٿيندا.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته حڪومت آرڊيننس واپس وٺي تمام  بهتر  قدم کنيو آهي ۽ اپوزيشن به ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي  اعتمادي جي رٿ واپس وٺي وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي.