نوجوان پاران پنهنجي سالگره واري ڏينهن اسڪول ۾ فائرنگ: ٻه شاگرد مارجي ويا

news

ڪيليفورنيا: (جمعو 15 نومبر 2019ع)  آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ نوجوان پنهنجي سالگره جي ڏينهن اسڪول ۾ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 2 شاگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

برطانوي خابرو اداري موجب ڪيليفورنيا ۾ اتر لاس اينجلس ۾ ُاقع هڪ اسڪول ۾ اسڪول لڳڻ کان ڪجهه دير کان پوءِ فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 شاگردياڻيون مارجي ويون جڏهن ته 3 جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.

برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي شڪ ۾ هڪ 16 ساله نوجوان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.  پوليس موجب  فائرنگ جو واقعو مقامي وقت موجب صبح 7 لڳي 38 منٽن تي پيش آيو جنهن جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي جتي 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ان زخمين مان ئي شڪي حملي آور جي سڃاڻپ ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ 16 ساله ڇوڪري ۽ 14 ساله ڇوڪرو زخمن جي سٽ نه سهندي علاج دوران فوت ٿي ويا.

جڏهن ته ٻين زخمين ۾ 2 ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو شامل آهي. پوليس موجب شڪي حملي آور هڪ 16 سالن جو نوجوان آهي جنهن جي اڄ سالگره هئي جڏهن ته نوجوان فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي به گولي  هنئي جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب حملي آور جي قبضي مان هڪ آٽوميٽڪ پستول به هٿ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪابه گولي موجود نه هئي. پوليس جوابدار جي گهر جي تلاشي ورتي آهي جتان وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.