قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان اظهر علي بخار ۽ گلي جي انفيڪشن ۾ مبتلا ٿي ويو

news

پرٿ:(جمعو 15 نومبر 2019ع) آسٽريليا ۾ موجود قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان کي بخار ۽ گلي ۾ انفيڪشن ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري کيس آسٽريليا اليون جي خلاف ٽور ميچ ٻاهر ويهي ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

واڪا گرائونڊ پرٿ ۾ ٿيندڙ ان مقابلي ۾ اننگز جي شروعات امام الحق ۽ عابد علي ڪئي. گذريل پريڪٽس ميچ ۾ بطور اوپنر کيڏندڙ شان مسعود هن ڀيري ٽيون نمبر تي بيٽنگ جي لاءِ آيو.

عابد علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. حارث سهيل جي ناڪامين جو سلسلو به ڊگهو ٿي ويو هو صرف 2 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان جي لاءِ سٺي خبر وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جو مڪمل طور تي فٽ ٿيڻ آهي.

آڱوٺي ۾ ڌڪ لڳڻ کان پوءِ آرام ڪندڙ ڪرڪيٽر جي فٽنس جو آسٽريليا جي خلاف ميچ کان اڳ جائزو وٺڻ کان پوءِ کيس ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.