حيدرآباد ۾ ايڇ ڊي اي مهراڻ يونين ورڪرز پاران پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف مظاهرو

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) جمعو 15 نومبر 2019ع، حيدرآباد ڊيولمينٽ اٿارٽي (ايڇ ڊي اي) مهراڻ يونين ورڪرز پاران پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون25  ڏينهن  احتجاج جاري رکيو.

ان موقعي تي ارشاد علي، محمد اسلم عباسي، عاشق قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل 5 مهينن کان ورڪ چارج ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن ۽ غريب رٽائرڊ ملازمن جي پينشن به بند ڪئي وئي آهي،

جنهن سبب گهرن ۾ فاڪاَقشي ڇانيل آهي، ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ انهن جي تعليم به متاثر ٿي وئي آهي،

هنن چيو ته اهڙي حالت ٿي وئي آهي جو خودڪشي ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهيون. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.