شهدادڪوٽ ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ ڪري ماءُ ڌيءَ ڌٻجي فوت

news

شھدادڪوٽ: جمعو 15 نومبر 2019ع، شهدادڪوٽ ۾  برسات سبب  پورهيت جي گهر ڇت ڪري پوڻ سبب ماء ڌي فوت ٻيا گھر ڀاتي معجزانه طور محفوظ پاڙيسرن ملبي ھيٺان دٻل لاش ڪڍي ورتا ڄاڻايل افسوس ناڪ واقعو شھر جي ڪالا فقير مڪان ۾ برسات پوڻ سبب پورھيت طالب مگسي جي ڪکائين  گھر ۾ رات جو ان وقت پيش جڏھن سمور ڀاتي پنھنجي ڪکائين گهر اندر اگھور ننڍ ستل ھءا ته اوچتو ڪمزور ڪکاءين گھر جي ڇت ڌماڪي سندن مٿان ڪري جنھـن سبب پورھيت طالب مگسي جي زال مريم خاتون ۽ 7 ورھين جي معصوم نياڻي سميرا ڇت جي ملبي ھيٺان دٻجي فوت ٿي ويون.

جڏھن ته سندن گڏ ستل ٻيا گهر جا ڀاتي 16 ورهين جو بابر ، 8 ورهين بلاول ، 10 ورهين جو گل ، اسد ، ضميره ۽ ماء سان گڏ ستل ڏيڍ ورهين جي شمائله معجزني طور محفوظ رهيا.

هوڏانهن واقعي بعد پاڙي وارن ڇت هيٺان ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پارن ماء ۽ڌي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي فوتي ماء ڌي جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

جڏھن ته ڏکوءيندڙ واقعي جي سوڳ سموري بعد پاڙي ۾ ڏک جي فضاء قاءم ٿي وءي جڏھن اڃا تاءين ٻءي ڏيـھن به شھر سميت ڀرپاسي صبح کان وٺي وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو ھلندڙ آھي.