حڪومت پاران عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ(بيٽي) ايپ تيار ڪرڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 نومبر 2019ع)انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پاران عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ(بيٽي) ايب تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تحت اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ موبائل ايپليڪيشن بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي دوران ٻڌايو ويو ته هي ايپليڪيشن هڪ پورٽل جي طور تي ڪم ڪندي. جيڪا عورتن جي حقن، قانون ۽ ضابطن، تربيت ۽ اسڪالر شپ جي موقعن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪندي.

بيٽي ايپليڪيشن تي عورتن جي لاءِ هيلپ لائين ۽ جاب پورٽل جون خدمتون به ميسر هونديون. ان کان علاوه ان ايپليڪيشن جي ذريعي عورتون ويجهين اسپتالن، تعليمي ادارن، پوليس اسٽيشنن ۽ هاسٽل جي ڳولا به ڪري سگهنديون. بيٽي ايپليڪيشن عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ عوامي ۽ نجي شعبي جي ذريعي هلندڙ پروگرامن ۾ مُک پليٽ فارم جي طور تي به ڪم  ڪندي.

ان موبائيل ايپليڪيشن کي تيار ڪرڻ جو مقصد عورتن کي مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ذريعي بااختيار بنائڻو آهي. وفاقي وزير خالد مقبول صديقي اجلاس ۾ ان قدم جي تعريف ڪندي ايپ کي جلد کان جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.