ڊپريشن ۽ انزائٽي ۾ ٿورو فرق آهي: ماهر نفسيات ثنا خان

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 نومبر 2019ع)  ماهر نفسيات ثنا خان چيو آهي ته ڊپريشن ۽ انزائٽي ۾ ٿورو فرق آهي. انزائٽي ۾ انسان کي دورا پوندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ گهبراهٽ رهندي آهي. جڏهن ته ڊپريشن ۾ انسان وڌيڪ ڪمزوري محسوس ڪندو آهي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ميزبان سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٻين کي پريشانيون ڏيندا آهن اهي خوش هوندا آهن ۽ پريشانيون وٺڻ وارا هميشه ناخوش هوندا آهن. ثنا خان موجب ماهر نفسيات وٽ گهڻو ڪري ٻين جي ڏنل پريشانين سبب ماڻهو ويندا آهن. جڏهن ته پريشانيون ڏيندڙ کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پنهنجي ڪاوڙ ٻين تي ڪڍڻ وارا ماڻهو تمام خطرناڪ هوندا آهن ۽ انهن کي بدلائڻ  ۽ غلطي جو احساس ڏيارڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي.

هن چيو ته ٿوري گهڻي ڪمزوري محسوس ڪرڻ معمولي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن اها ڪيفيت گهڻي وقت جي لاءِ رهڻ لڳي  ۽ ان مان ٻاهر نه نڪري سگهون ته اها ذهني دٻاءُ يا ڊپريشن جي نشاني آهي. ثنا خان ٻڌايو ته ڊپريشن ختم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن جون دوائون اڪثر مددگار ثابت ناهن ٿينديون.

اهڙي صورتحال ۾ مريض کي ماهر نفسيات سان ڳالهائڻ جي ضرورت هوندي آهي.  ثنا خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن انسان کي پنهنجي آفيس ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته هو پنهنجي آفيس کي بدلائي نٿوسگهي. اهڙي قسم جي حالتن ۾ ماهر نفسيات کان مدد وٺي سگهجي ٿي جيڪو اوهان کي پنهنجي اندر تبديليون آڻڻ ۾ مدد ڪندو آهي.