سريلنڪا ۾ مسلمان ووٽرن سان ڀريل هڪ سئو بسن مٿان فائرنگ

news

ڪولمبو: (ڇنڇر 16 نومبر 2019ع) سريلنڪا جي اتر اولهه واري علائقي ۾ صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ ويندڙ مسلمان ووٽرن جي 100 کان وڌيڪ بسن تي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي.

ان حملي ۾ هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جي ڪابه اطلاع ناهي ملي. واضح رهي ته سريلنڪا ۾ نئين صدر جي چونڊ جي لاءِ اڄ کان ووٽنگ شروع ٿي چڪي آهي جنهن ۾ صدر ميٿري پالاسري جي جڳهه سنڀالڻ جي  لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ سجيٿ پريماداسا ۽ مخالف ڌر جي گوٽابايا راجاپاڪسا ۾ مقابلو آهي.

سريلنڪا جي پوليس موجب مذڪوره واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن سريلنڪا جي سامونڊي قصبي پوتالام ۾ رهندڙ اقليتي مسلمان ووٽر 100 کان وڌيڪ بسن ۾ سوار ٿي هڪ قافلي جي صورت ۾ ضلعي منار جي طرف وڃي رهيا هئا جتي کين ووٽ ڏيڻو هو.

روڊ تي هٿياربندن پاران ٽائر ساڙي رستو بند  ڪيو ويو هو. جڏهن بسن جو قافلو ان جڳهه تي پهتو ته هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب ٻن بسن کي نقصان پهتو. فائرنگ کان علاوه مسلمان ووٽرن جي بسن تي فائرنگ به ڪئي وئي.

هن سال جي شروعات ۾ سريلنڪا جي هڪ مقامي، نام نهاد مسلم شدت پسند گروپ ايسٽر جي تقريبن تي حملا ڪيا هئا. جنهن کان پوءِ سريلنڪا ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. پوتالام  جا مسلمان ووٽر پهريان به سريلنڪن جي حڪومت کي اها درخواست ڪري چڪا آهن ته انهن کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي ڪلو ميٽر پري پولنگ اسٽيشنن ۾ وڃڻو پوي  ٿو جيڪو انهن جي لاءِ تمام گهڻي مشڪل ۽ زندگي کي خطري ۾ وجهڻ وارو ڪم آهي.

جڏهن ته سريلنڪا  جي حڪومت پاران ان ڳوٺ ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو.