او جي ڊي سي ايل انتظاميا طرفان رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ تقريب ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين افتتاح ڪيو

news

ٽنڊوڄام: ڇنڇر 16 نومبر 2019ع، او جي ڊي سي ايل طرفان رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام کي ايمبولينس ڏني ويئي، ڪمشنر حيدرآباد، ايم اين اي، ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي ڪائونسل چيئرمين افتتاح ڪيو.

خبر موجب او جي ڊي سي ايل طرفان رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام کي جديد سهوليتن تي مبني هڪ ايمبولينس ڏني ويئي آهي، ايمبولينس ڏيڻ لاء ضلعي ۽ او جي ڊي سي ايل انتظاميا طرفان رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ تقريب ڪوٺائي ويئي.

جنهن ۾ تڪ جي ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ، حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو، ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين سيٺ بدر احمد ميمڻ ايمبولينس جي چاٻي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منير احلد ٿلهو حوالي ڪئي ۽ ربن ڪاٽي ايمبولينس جو افتتاح ڪيو.

جڏهن ته افتتاحي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مسعود احمد جعفري، او جي ڊي سي ايل جو ريجنل ڪو آرڊينيٽر اشرف پٺاڻ، ڪنر آئل فيلڊ جي مئنيجر رفيق خواجا، ٽنڊوعالم آئل فيلڊ جي مئنيجر فياض ميمڻ سميت سياسي ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هو.

انهي موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ، ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوڄام کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر جو درجو ڏيارڻ ۽ تعلقه آفيسون ٽنڊوڄام منتقل ڪرڻ لاء اعلي' اختيارين کي لکيو آهي.

هنن چيو ته جلد رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏياريو ويندو. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران گهٽ بجيٽ ملڻ سبب مسيو ڀرڳڙي، ٽنڊوڄام سميت ٻين علائقن جا ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيا، جن کي مڪمل ڪرڻ لاء گهربل بجيٽ جي گهر ڪئي آهي.

انهي موقعي تي او جي ڊي سي ايل جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر اشرف پٺاڻ ٻڌايو ته رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام کي جديد سهوليتن تي مبني 40 لک روپين جي ماليت جي ايمبولينس ڏني آهي،

هن ٻڌايو ته او جي ڊي سي ايل طرفان سنڌ جي هر ضلعي اسپتال کي او جي ڊي سي ايل طرفان ايمبولينس ڏني ويندي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ شريف قريشي، ڊاڪٽر رحيمداد راجپوت، اسلم نونداڻي، مير عبدالله، سيد حيدر شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.