ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس آفيسر جو گوليون لڳل لاش هٿ

news

ڊيره اسماعيل خان: (آچر 17 نومبر 2019ع)  خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس آفيسر جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.

پوليس ذريعن موجب مذڪوره واقعو درابن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. جتي ڪرائي جي ڪمري ۾ رهندڙ اي ايس آءِ عبدالغفار جي لاش هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول جو تعلق جاچ واري اداري سان هو. پوليس آفيسر کي 30 بور جي پستول جون 12 گوليون هنيون ويون آهن.

واقعي کان پوءِ پوليس مختلف طريقن سان جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.