خورشيد شاهه ضمانت واري درخواست داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

سکر: (آچر 17 نومبر 2019ع) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ضمانت تي آزادي کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ضمانت تي رهائي کان صاف انڪار ڪندي پنهنجي وڪيلن کي چيو آهي ته منهنجي مٿان نيب ڪرپشن ثابت ڪري يا باعزت بري ڪري ته جيئن سياسي انتقام وٺندڙن تي ڪيس داخل ڪرائي سگهان.

نيب کي وڌيڪ هڪ سال جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن ڪوڙن الزامن کي ثابت ڪري سگهان. وڪيلن جي ٽيم سان ملاقات جي دوران هن ضمانت وارن ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته نيب سکر منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي ۽ منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪرايو.

خورشيد شاهه جي وڪيل مڪيش ڪمار چيو ته خورشيد شاهه چيو آهي ته هڪ ئي الزام ۾ منهنجي مٿان 3 ڀيرا نيب ڪوڙا ڪيس ٺاهيا. ٻن ڪيسن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کيس باعزت بري ڪيو.