ڪراچي جي سڀني کان وڏي ڪاٺين واري مارڪيٽ ۾ باهه ٻارنهن دڪانون سڙي ويون، ٻه گهر متاثر

news

ڪراچي: (آچر 17 نومبر 2019ع) ڪراچي جي علائقي پراڻي حاجي ڪيمپ ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي قابو ڪيو ويو. ڪراچي جي علائقي پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ ٽمبر مارڪيٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه جي اطلاع تي فائر برگيڊ جون 7 گاڏيون موقعي تي پهچي ويون. فائربرگيڊ اختيارين موجب باهه ڪاٺين جي گودام ۾ لڳي جيڪا انتهائي شدت سان وڌندي وئي. پر ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوششن کان پوءِ باهه تي قابو ڪيو ويو.

فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه جي واقعي ۾ 12 دڪانون سڙي ويون جڏهن ته 2 گهر به متاثر ٿيا. پر واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب ۽ نقصان جو اندازو اڃان تائين ناهي لڳايو ويو.

فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه سبب دڪانن ۾ رکيل سامان سڙي ويو. گڏيل طور تي 11 فائر ٽينڊرز، 4 بائوڊرز ۽ اسنارڪل باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.

ٻئي طرف علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ اسان جون ٻڪريون به سڙي مري ويون آهن. جيڪڏهن فائر فائٽرز موقعي تي پهچي وڃن ها ته ايترو وڏو نقصان نه ٿئي ها.

واضح رهي ته فائربرگيڊ اختيارين ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏنو آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان موجب واٽر بورڊ جي بائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ باهه جي شدت کي نظر ۾ رکندي فائرٽينڊرز کي واٽر بورڊ جي بائيڊرنس سان ٽينڪر ز جي ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويو.