رتوديرو ۾ ايڊز جي بيماري ۾ مبتلا پنجن سالن جو ٻارڙو فوت

news

لاڙڪاڻو: (آچر 17 نومبر 2019ع) رتوديرو ۾ ايڊز سبب متاثر ماڻهن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو.

گذريل ڏينهن رتوديرو جي ڳوٺ لشڪري خان لولائي جو 5 سالن جو ٻارڙو سهيل ايڊز جو شڪار هجڻ سبب فوت ٿي ويو.

ٻارڙي جي پيءُ چيو ته سهيل جي ايڇ آءِ وي رپورٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ لاڙڪاڻو ايڇ آءِ وي ٽريمنٽ سينٽر ۽ ڪراچي مان به علاج جي ڪوشش ڪئي پر سندس زندگي بچي نه سگهي.

ايڊز سبب فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 38 ٿي ويو آهي جنهن مان اڪثريت ٻارن جي آهي جڏهن ته سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام طرفان هينئر تائين صرف 16 ٻارن جي فوتگين جي تصديق ڪئي وئي آهي.