محمد فياض جيلاني وائس چيف آف نيول اسٽاف مقرر

news

ڪراچي: (آچر 17 نومبر 2019ع) وائس ايڊمرل ڪليم شوڪت ملازمت وارو مدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وائس ايڊمرل محمد فياض جيلاني کي وائس چيف آف نيول اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل محمد فياض جيلاني کي وائس چيف آف نيول اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وائس ايڊمرل ڪليم شوڪت ملازمت وارو مدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي.

ترجمان موجب وائس ايڊمرل فياض جيلاني 1984ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. وائس ايڊمرل فياض جيلاني ڪمانڊ اينڊ اسٽاف جون ڪيتريون ئي ذميواريون نڀائڻ جو به تجربو رکي ٿو.

وائس ايڊمرل فياض جيلاني نيول سيڪريٽري، ڊپٽي چيف نيول چيف ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ جا فرائض به انجام ڏئي چڪو آهي. ان کان علاوه وائس ايڊمرل فياض جيلاني واشنگٽن ۾ پاڪ بحريه جو نيول اتاشي به رهيو آهي.