بيمار پيءُ سان محبت: نوجوان اسپتال ۾ ئي شادي جو فيصلو ڪري ورتو

news

نيويارڪ: (آچر 17 نومبر 2019ع) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ نوجوان ڇوڪري پيءُ سان محبت جي مثال قائم ڪندي اسپتال ۾ ئي شادي ڪري ورتي.

رپورٽ موجب گهوٽ جي پيءُ جي طبيعت خراب هجڻ سبب هو آءِ سي يو ۾ داخل هو ۽ ان جي هلڻ ڦرڻ تي ڊاڪٽرن مڪمل پابندي هڻي ڇڏي هئي.

وارثن ڊاڪٽرن کان شادي ۾ شرڪت جي اجازت گهري ته ڊاڪٽرن اجازت ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

جنهن کان پوءِ گهوٽ فيصلو ڪيو ته هو نئين زندگي کي شروع ڪرڻ جي پهرين رسم پنهنجي پيءُ جي سامهون اسپتال ۾ ادا ڪندو جنهن کان پوءِ هو ڪنوار کي وٺي اسپتال پهچي ويو.