ملڪه نيدر لينڊ جي دوري جو شيڊول جاري، پنجويهه نومبر تي پاڪستان ايندي

news

اسلام آباد: نيدر لينڊ جي ملڪه جي پاڪستاني دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪه ميڪسما  25 نومبر تي پاڪستان ايندي، صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيدر لينڊ جي ملڪه 25 نومبر کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي، ملڪه ميڪسما  گڏيل قومن جي مالياتي شموليت براءِ ترقي جي خصوصي نمائندي جي طور دورو ڪندي. هو صدر ۽ وزيراعظم سان به ملاقاتون ڪندي.

ترجمان ٻڌايو ته ملڪه ميڪسما  سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندي، مالياتي شموليت براءِ ترقي به حڪومتي ترجيحاتن ۾ شامل آهي. حڪومت ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا آهن.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪه مائيڪرو پي منٽ گيٽ وي پي منٽ لانچنگ تقريب ۾ به شرڪت ڪندي. مائيڪرو گيٽ وي پي منٽ اسٽيٽ بئنڪ جي ننڍين ادائيگين جو قدم آهي.

ملڪه ميڪسما  فيبروري 2016ع ۾ به پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي.