بدين ۾ سنڌي ادبي شاخ پاران ڪتابي ميلي جي افتتاح واري تقريب منعقد

news

بدين: آچر 17 نومبر 2019ع، بدين نالي واري شاعر۽ اديب ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو آهي ته ڪتاب انسان جي بهترين دوست آهن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ به ڪتابن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

سنڌي ادبي شاخ بدين پاران پريس ڪلب بدين هال ۾ 8 ڏينهن واري ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو سنڌي ادبي شاخ پاران پٺتي پيل علائقي جي بدين  شهر ۾ ملڪ جي ناليواري اشاعتي ادارن جا ادب سائنس تاريخ ۽ ٻين مضموئن تي 5 هزار کان مٿي وڪري لاءِ رکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي.

جنهن لاءِ يقينن ساس بدين شاخ بدين پريس ڪلب ۽ اشاعتي ادارا مبارڪ باد جا مستحق آهن تقريب کي پريس ڪلب بدين جي صدر تنوير آرائين مصطفيٰ جمالي ليکڪ ڊاڪٽر مسرت خواجه ڊاڪٽر شاهنواز دل ابو بڪر شيخ ميلو لڳائيندڙ نالي واري اديب شاعر ليکڪ فراق هاليپوٽو پڻ خطاب ڪيو.

جڏهن ته ڪتابي ميلي شهرين  شاگردن شاعرن اديبن دورو ڪري ڪتابن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري وڏي پئماني تي خريداري پڻ ڪئي.