وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪباد

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي.

پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گوٽابايا راجا پاڪسا کي سريلنڪن صدارتي چونڊن ۾ فتح تي دلي مبارڪون ڏيان ٿو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان گهرن برادراڻا تعلقاتن ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ سريلنڪا سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. خطي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ امن جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.

جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به نئين چونڊيل سريلنڪن صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاداڻا، شفاف ۽ پرامن چوندن جي انعقاد تي سريلنڪن حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.