ڏوڪري ۾ سيپڪو چيف جي کلي ڪچهري، شهرين پاران لوڊشيڊنگ، ڳرا بل اچڻ جون شڪايتون

news

ڏوڪري:  آچر 17 نومبر 2019ع، ڏوڪري ۾ سيپڪو چيف جي کلي ڪچهري، عوام پاران لوڊشيڊنگ، ڳري بلنگ جون شڪايتون، ، 200 کان وڌيڪ صارفين کان 16 لک روپيا اوڳاڙي، سيپڪو عملدارن پاران بل پيمينٽ ڪندڙن جون سموريون رهتون ختم ڪرڻ جو اعلان تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري ۾ سيپڪو عملدارن پاران عوام جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ کلي ڪچهري لڳائي وئي.

جنهن ۾ سيپڪو چيف سکر محمد سليم، سيپڪو لاڙڪاڻو جي عملدارن سپرنٽيڊنٽ انجنيئر  محمد خان سوهو انجنيئر مشتاق احمد بڙدي روينيو آفيسر خورشيد احمد چانڊيو ايس ڊي او ڏوڪري نظير احمد شيخ، يونين اڳواڻ غلام سرور جوڻيجو اختيار علي سوهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڏوڪري شهر سميت تعلقي جي مختلف علائقن موهن جو دڙو بگي ٻنڊي ٻلهڙيجي، ڪاراڻي ٻٽڙا ،وڪڙو ،گاجي ديرو ۽ ٻين هنڌن تان وڏي انگ ۾ ماڻهو شڪايتون کڻي کليل ڪچهري ۾ پهتا هٿراڌو لوڊشيڊنگ ڳري بلنگ،  سياري جي موسم ۾ به ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جون شڪايتون ڪيون ويون.

ان موقعي تي فدا حسين ابڙو، نظير احمد، جميل احمد ۽ ٻين صارفين جو چوڻ هو ته صارفين ڏانهن ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن  سياري جي موسم ۾  ٻهراڙي وارن علائقن ۾  ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته کليل ڪچهري لڳائڻ بهتر عمل آهي ان سان عوام کي فائدو ملندو پر اڳ به هتي ڪافي ڀيرا کليل ڪچهريون لڳايون ويون.

عوام بل به پيمينٽ ڪيا پر ڪجهه ڏينهن بعد ٻيهر بل لڳي آيا هاڻي ائين ٿيڻ نه گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته عوام سيپڪو جي زيادتين ۽ ڳري بلنگ جون شڪايتون ڪري ٿو پر ڪوبه نه ٿو ٻڌي هن ڀيري کليل ڪچهري مان بهتري جي اميد آهي. ان موقعي تي کليل ڪچهري ۾ آيل 200 ماڻهن بجلي جي بلن جا 16 لک روپيا ٿڏي تي جمع ڪرائي ڇڏيا.

سيپڪو عملدارن بل جي رقم ادا ڪندڙ صارفين جي باقي بچيل رقم معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي  ته  سيپڪو چيف جو چوڻ هو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هي کلي ڪچهري لڳائي عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ حل ڪيا ويا آهن .

بل پيمينٽ ڪندڙن جي بقايا رقم معاف ڪري ڇڏي آهي ٻيهر بل ۾ رهتن واري رقم لڳي نه ايندي عوام اسان تي اعتماد ڪري بل پياريا آهن اسان به عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريون ٿا غير قانوني لوڊشيڊنگ ڳري بلنگ نه ٿيندي.