آمريڪي نوجوان پاران ڪنٽينرن سان ٺهيل ٽي ماڙ خوبصورت گهر

news

واشنگٽن: (سومر 18 نومبر 2019ع)  آمريڪي نوجوان پنهنجي 11 ڪنٽينرن کي 3 ماڙ خوبصورت گهر ۾ تبديل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي رياست هيوسٽن جي آرڪيٽيڪٽ ول برياڪس 11 ڪنٽينرن سان پنهنجي خوابن جو گهر تيار ڪيو. برياڪس جو چوڻ هو ته ان جي دماغ ۾ ڪنٽينرن کي گهر ۾ تبديل ڪرڻ جو خيال ڪافي وقت کان هو. هن پنهنجي ان خيال کي حقيقي رنگ ڏيڻ جي لاءِ ڪنٽينرن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ سڀني کان اڳ گهر جو ٿري ڊي ڊيزائن ڪمپيوٽر ۾ تيار ڪيو ۽ ان ڊيزائن تي عمل ڪندي گهر ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ 11 ڪنٽينرن کي ڪرين جي مدد سان هڪ ٻئي جي مٿان رکڻ کان پوءِ ڏينهن رات ان گهر کي ٺاهڻ ۾ مشغول رهيو.

برياڪس جي هيوسٽن جي ميڪ گوون اسٽريٽ ۾ ڪنٽينرن سان ٺهيل 3 ماڙ گهر  اڃان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن کي هو جلد مڪمل ڪري وٺندو. برياڪس هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن مون وٽ پئسا هجن ها ته مان ڪافي وقت اڳ هن گهر کي تيار ڪري وٺان ها. ڪنٽينر سان ٺهيل خوبصورت گهر هيوسٽن جي ميڪ گوون اسٽريٽ ۾ مشهور هجڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهيو آهي.