افغان ٽرڪن کي پشاور کان ڪراچي تائين مال آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي: افغان وفد

news

ڪراچي: (سومر 18 نومبر 2019ع)  افغانستان پاڪستان جي لاءِ برآمد ٿيندڙ فروٽ سميت ٻين شين تي وڌيڪ ڪسٽمز ڊيوٽي کي واپار جي راهه ۾ رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

افغان وفد سرحد چيمبر آف ڪامرس سان گڏ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيو آهي ته پاڪستان طورخم سرحد تي ان شين جي ڊيوٽي جي تعين جو اختيار سرحدن کان متصل ڪلڪٽريٽس کي ڏي ته واپار ۾ اضافو ممڪن آهي.

وفد راءِ ڏني آهي ته افغان ٽرڪن کي پشاور کان ڪراچي تائين مال آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن افغان حڪومت پاڪستاني ٽرڪن کي ڪابل کان وچ ايشيا تائين پهچائڻ جي سهوليت ڏني.